Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile
Ashok Kumar Maheshwari

@akm_golarchi

خدا کي چاهڻ وارن جو ڪو مذهب ناهي هوندو...!!!

ID: 817318818

calendar_today11-09-2012 12:25:13

2,2K Tweet

9,9K Followers

3,3K Following

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شھيد فاضل راھو سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو روشن نالو آھي. ھارين، مظلومن ۽ جمهوريت لاءِ سندس قربانيون ھميشہ ياد رکيون وينديون. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

مڃان ٿو منزل تي اڃان پڳا ناھيون مگر پوء بہ اسان ٿڪا ناھيون اسان ۽ سج ۾ بس ايترو فرق آ ھو لھي ٿو اسان اڃان لٿا ناھيون اسان جي منزل اڃان اڳتي آ خوشين سان ناتو نڀائي هلبو غمن کان جيون بچائي هلبو مڃان ٿو منزل اڃان اڳتي آ وري قدم به وڌائي هلبو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شهيد فاضل غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن جي حقن خاطر ويڙهاند جي شروعات منهنجي جنم ڀومي ترائي شهر کان ڪئي. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

فاضل راهو جي سياست لفظن جي نه، پر عمل جي سياست هئي، ان ڪري ئي سندس هر قدم ظالم نظام کي لوڏي ڇڏيندو هو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شهيد فاضل راهو سچ ۽ همت جو امر نالو، سندس شهادت سنڌ جي ضمير جي فتح. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شهيد فاضل جي زندگي کي ڏسبو ته هن مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ان وقت جدوجهد ڪئي جڏهن تر ۾ وڏيرن، ميرن ۽ رئيسن جو راڄ هو. چورن پاٿاريدارن ۽ غريبن ۽ توڙي مالوند ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. تڏهن شهيد فاضل راهو انهن سان مهاڏو اٽڪايو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

انقلابي اڳواڻ شھيد فاضل راھو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء سڀني سنڌ پرست ساٿين جا شڪر گذار آھيو اچو ساٿيو اڄ جو ڏينھن شھيد جي نالي جنھن پوري حياتي غريب پورھيت طبقي لاء وقف ڪري ڇڏي. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

هر ڀاڳئي سان هُو ڀيڙو هو، هو هڪ نه پر ڪو ميڙو هو. هو مارُن لاءِ ماندو هو، پر ٽڪارن لا ٽاهو هو، جو ٽِڪارن لا ٽاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو، هو ڏاڍو ڏاهو ڏاهو هو. هن راهوڪيءَ جو راهو هو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

فاضل راهو سنڌي قوم کي پنهنجو خاندان سمجهندو هو، هو هميشه پنهنجي ماڻهن کي اولين ترجيح ڏيندو هو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

سنڌ تان جان جو نظرانو ڏيندڙ ڌرتي جا عاشق اسان جا هيرو آهن. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شھيد فاضل راهو فقط اڳواڻ نه، مظلوم هارين ۽ عوام جو آواز هو. هر ظلم، هر جيل، هر مشڪل وقت ۾ سندس بهادري روشن مشعل رهي. سندس قرباني ۽ جدوجهد هر دل ۾ هميشه زنده رهندي، ۽ سندس مشن سنڌ ۽ عوام لاءِ هميشه الهام بڻجي رهندو. 💚 #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

فاضل راھو جي زندگي هڪ سبق آهي، جيڪو هر نسل لاءِ روشني بڻجي ٿو. #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

شھيد فاضل راهو, قومي عوامي جدوجهد ۾ ويساھ ۽ عزم جو نالو.. هارين مزدورن هارياڻين جي قطارن ۽ قافلن ۾ اڳين صفن ۾ رهنما ڪردار جو مقدس نانء ۽ سڃاڻ .. "راهوء جا رهيام, سنيها سرير ۾...." #TributeToShaheedFazilRahoo

Ashok Kumar Maheshwari (@akm_golarchi) 's Twitter Profile Photo

سورهيه سو سڃاڻجي، جو وڙهي حق ساڻ، نه ڊڄي ڏک ڏوڙ کان، نه لالچ نه جان، جيڪو سچ جي راهه تي، ڏئي سر قربان. #TributeToShaheedFazilRahoo