Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile
Naji Channa ☭

@najichanna

Political /climate activist, feminist, secular, Marxist, leninst @AWPSindh to live.
Teacher to earn.
@sindhonlineschool to serve.
مون سي ڏٺا ماء جنين ڏٺو هوت

ID: 796343595901001728

calendar_today09-11-2016 13:28:03

6,6K Tweet

1,1K Followers

1,1K Following

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

دنيا درياھن ۽ وڻن کي انساني وجود قرار ڏئي رھي آھي. ھتان جي رياست ڊيمن کي بچائڻ لاء ھر حد تائين پھتي آھي. ھنن شق پاس ڪئي آھي ته ڊيمن کي بچائڻ لاء سڀ ڪجھ ڪيو ويندو. اھو ھنن 2010 جي ٻوڏ ۾ ڪري ڏيکاريو. جو ڊيمن کي بچائڻ لاء انساني آبادي ۽ آباد زمينن کي ٻوڙيو. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

راوي بياس ستلج انڊيا کي کپائي ڏيڻ سان وفاق کي ھڪ ملين ڪيوسڪ پاڻي تان ھٿ کنيو. بدلي ۾ سنڌو درياھ مان ھنن ڏيڍ ملين ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪيو. پوء به ھنن جون اکيون سنڌو جي پاڻي ۾ کتل آھن. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

پاڪستان 3 نمبر تي پاڻي کوٽ وارو ملڪ آھي. پنجاب ۾ 15 سيڪڙو پاني کوٽ آھي. 42 سيڪڙو سوڪھڙو ٻڌايل آھي. آھي ارسا جا انگ اکر آھن. پوء ھي نوان ڪئنال ۽ چولستان کي آباد ڪرڻ لاء پاڻي ڪيڏانھن ايندو ؟؟ #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

ڪيٽي بندر، ميرپور ساڪرو ، بدين، ٺٽي جي زمين سمنڊ پائيندو پيو اچي. کارو ڇاڻ ھاڻ ٻيڙين جو قبرستان ٿي چڪو آھي. سمنڊ کان 70 ڪلوميٽر پري ھڪ رائيس مل ھئي سا به انڊس ڊيلٽا سان گڏ سمنڊ جي پيٽ ھلي وئي. ھڪ پاسي سنڌ جون زمينون ٽرافي طور ورھايو ٿا ٻئي پاسي پاڻي بند! #NoMoreCanalsOnImdus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

پنجابي اشرافيه بندوقن جي زور تي 150 سالن کان سنڌوءَ مان پاڻي چوري ۾ ملوث رهي آهي. پاڻيءَ جي بين الاقوامي قانونن تحت درياءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق پڇڙ واري ڊيلٽا واري علائقي جو آهي. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

دنيا ۾ ھاڻ دريائن کي ھڪ وجود ڏيارڻ لاء تحريڪ ھلي آھي.صدين کان اسان درياھ کي سنڌو ماتا سمجھندا آھيون. اسان پنھنجي درياھ کي نه رڳو ھڪ وجود پر ماء جھڙي رشتي سان سڃاڻندا آھيون. سو درياھن جي نون حق جي ڳالھ ناھي. اسانکي درياھن جا حق خبر ھن انھن لاء جھيڙو ڪنداسين. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

نٽشي چيو آھي ته فطرت ماڻھو ذريعي پنھنجو پاڻ تي سوچ ٿي. ياد رکڻ گھرجي ته فطرت جا پنھنجا حق ھوندا آھن، انھن جي پورائي جي خاطري ماحول دوست سياسي تنظيمن ۽ عوام جو ڪم ھوندو آھي. #NoMoreCanalsOnIndus

نٽشي چيو آھي ته فطرت ماڻھو ذريعي پنھنجو پاڻ تي سوچ ٿي. 
ياد رکڻ گھرجي ته فطرت جا پنھنجا حق ھوندا آھن، انھن جي پورائي جي خاطري ماحول دوست سياسي تنظيمن ۽ عوام جو ڪم ھوندو آھي. 
#NoMoreCanalsOnIndus
Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

ھينئر تائين سنڌو درياھ تي 80 ڊيم، 50 ڪئنال ۽ 19 بئراج آھن. درياھ جي قدرتي وھڪري کي پنجوڙ ڏئي، درياھ جو ساھ ٻوساٽجڻ بند ڪيو وڃي. #NoMoreCanalsOnIndus

ھينئر تائين سنڌو درياھ تي 
80 ڊيم، 50 ڪئنال ۽ 19 بئراج آھن. 
درياھ جي قدرتي وھڪري کي پنجوڙ ڏئي، درياھ جو ساھ ٻوساٽجڻ بند ڪيو وڃي. 
#NoMoreCanalsOnIndus
Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي چولستان ۾ ڏھ لک زمين آباد ڪرڻ جي بدلي سنڌ جي ھڪ ڪروڙ ويھ لک زمين غير آباد ڪرڻ کي ملڪ دوستي چئجي؟ عوام دوستي چئجي ؟ يا عقلمندي چوندا؟ #NoMoreCanalsOnIndus

ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي چولستان ۾ ڏھ لک زمين آباد ڪرڻ جي بدلي سنڌ جي ھڪ ڪروڙ ويھ لک زمين غير آباد ڪرڻ کي ملڪ دوستي چئجي؟ عوام دوستي چئجي ؟ يا عقلمندي چوندا؟ 
#NoMoreCanalsOnIndus
Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

دروپڪا نالي سنڌو جي مھڙ ۾، تبت تي ھڪ قبيلو آباد ھو. جيڪو نه مڇي ماريندو ھو نه ئي ڪنھن پکي جو شڪار ڪندو ھو. ھنن وٽ ذاتي ملڪيت جو خيال بہ ڪونہ ھو. انھن جي پوري عمر گلن جي خوشبو سگھندي۽ پٿرن جا رنگ ڏسندي گذريا. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

لداخ وٽان چاندي جھڙو پاڻي، اسڪردو وٽان پيلو پاڻي کڻي سنڌ درياھ سنڌ ڏانھن ايندو آھي. جنھن تي سنڌ ۾ پلو، ٻلھڻ ۽ ماڻھو سميت ھر جيوت پلجندي آھي. #NoMoreCanalsOnIndus

Naji Channa ☭ (@najichanna) 's Twitter Profile Photo

پاڪستان وٽ 170 MAF پاڻي ھو. وفاق ٽي درياھ انڊيا کي ڏئي، 137 MAF پاڻي بچايو. ان منجھان ھاڻ پنجاب، لکت ۾ 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻندو رھيو آھي. عملي طور ھو پاڻي چورائيندو به رھيو آھي. سنڌ کي 48 ملين ايڪڙ فوٽ اولان ٿيل آھي پر ان جو اڌ حصو مس ملندو آھي. #NoMoreCanalsOnIndus