Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile
Majid Siddiqui

@siddiquimajid

Proud Journalist, Free Thinker, Liberal in Approach۔

Currently working for Suno News from United States

ID: 42010151

linkhttps://youtube.com/@majidthenomad calendar_today23-05-2009 11:03:40

13,13K Tweet

2,2K Takipçi

462 Takip Edilen

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

روز ڪچهري جو محور اهو سوال هجي ٿوته سنڌ نيٺ ڇا ڪري جو هن ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري۔سوال اهم آهي۔منهنجي نظر ۾ جيسيتائين سنڌ سياسي طور متحرڪ نه ٿيندي تيسين ڪنهن به مرض جو علاج ممڪن نه ٿي سگهندو۔جاگيردار جماعت ڳچي ۾ پيل رهندي ۽سنڌ تي سوديبازي ڪندي رهندي۔سنڌ پرست سياست سمورن مرضن جو علاج آهي

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

اوهان اڄڪله ڪھڙو ڪتاب پيا پڙهو۔ مان باب وڊورڊ جو هي ڪتاب لائيبريري مان کنيو آهي۔ ويجهن يعني گذريل ڪجه سالن ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ سياست ۽ واقعن جي حوالي سان ڏاڍو اهم ۽ دلچسپ ڪتاب آهي۔

اوهان اڄڪله ڪھڙو ڪتاب پيا پڙهو۔

مان باب وڊورڊ جو هي ڪتاب لائيبريري مان کنيو آهي۔ ويجهن يعني گذريل ڪجه سالن ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ سياست ۽ واقعن جي حوالي سان ڏاڍو اهم ۽ دلچسپ ڪتاب آهي۔
Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

جن ماڻهن AI جو مانڊاڻ پيدا ڪيو آهي۔ انهن کي هن مهل کان ئي اچي ان ڳاله جي پريشاني لڳي آهي ته اهو جيڪر هٿن مان نڪري ويو، جنهن جا تمام گهڻا امڪان آهن ته پوء انکي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪيئن آڻبو۔ مغرب سميت پڙهيل لکيل دنيا روزانو بنيادن تي انهن سوالن تي سنجيدگي سان سوچي پئي۔

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

هي بظاهر ته هڪ ڀوڳ آهي پر يورپ کي واقعي اچي پريشاني ورايو آهي ته ٽرمپ پيوٽن ياري کي پوء يورپ جي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ جو ٿيندو۔ نيٽو جو مستقبل ڇا بچندو۔ آمريڪا جي مدد کانسواء هيڏي ساري امير يورپ انڌي منڊي ٿي هلندي۔

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

هي رڳو تصوير ناهي، سنڌ ۾ ذهنن تي چڙهيل غلامي جي اها ڪٽ آهي جيڪا ڪمزور کي طاقتور جا پير چمڻ تي مجبور ڪري ٿي۔ ڪيستائين پير چمندين پير جا، رئيس جا ڀوتار جا ۽ مير جا, ڇو غلاميء ۾ پيو گهارين اڃان، ڪڍ ڳچيء مان طوق هن زنجير جا.

هي رڳو تصوير ناهي، سنڌ ۾ ذهنن تي چڙهيل غلامي جي اها ڪٽ آهي جيڪا ڪمزور کي   طاقتور جا پير چمڻ تي مجبور ڪري ٿي۔

ڪيستائين   پير  چمندين   پير  جا،
رئيس   جا   ڀوتار   جا   ۽  مير  جا,
ڇو  غلاميء  ۾  پيو  گهارين  اڃان،
ڪڍ ڳچيء مان طوق هن زنجير جا.
Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

اڄ جي سنڌ ڪيئي قدوسي صاحب جي بيوه جهڙن همراهن مان لوه ٿي ويئي آهي۔ جيڪي جٿي ڪٿي منهن ڪڍيو بيٺا آهن۔

اڄ جي سنڌ ڪيئي قدوسي صاحب جي بيوه جهڙن همراهن مان لوه ٿي ويئي آهي۔ جيڪي جٿي ڪٿي منهن ڪڍيو بيٺا آهن۔
Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

هڪ طرف سنڌ جا اصل معاملا آهن جيڪي اسان سڀن کان سنجيدگي جا طالب آهن ۽ ٻي طرف پي آر پروگرام آهن، جتي دعووائون ته وڏيون آهن پر اصل ۾ معاملو نشستن، گفتن ۽ برخاستن وارو آهي۔ #SaveMoroSaveSindh

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

سنڌ جا نوجوان پنهنجن صلاحيتن جي حوالي سان ڪنهن کان به گهٽ ناهن۔ اهي دنيا جي سمورن نوجوانن جو مقابلو ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا۔ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اهي حقيقي علم جي حصول کي پنهنجو مقصد بنائن۔جنهن به شعبي کي چونڊن۔انجي مهارت جي حد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔اهو انهن لاء ۽ سڄي قوم لاء اهم آهي

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

ڪجه نوجوان چون ٿا ڪتابن پڙهڻ سان ڇا ملندو۔ انهن کان سوال آهي ته ڪتابن نه پڙهڻ سان کين ڇا ملندو۔ ڪتاب اوهانجي شخصيت جي تعمير ۽ علمي صلاحيتن ۾ اضافي جو اهم سبب هجن ٿا۔ انهن کان دوري پنهنجي ذهني صلاحيتن سان زيادتي آهي۔اوهان ڪتاب پڙهو ۽ ڪجه عرصي بعد پنهنجي شخصيت جو پاڻ تجزيو ڪيو۔

Majid Siddiqui (@siddiquimajid) 's Twitter Profile Photo

اختلاف راء گڏيل احترام جي دائري مان نڪري جڏهن ذاتيات ء ڪج بحثي جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿي تڏهن نه صرف پنھنجو اثر وڃائي ويھي ٿي بلڪه جلدي ذاتي عئاد ء بي مقصد دشمني کي به جنم ڏيئي ٿي. اهڙي گفتگو جا سمورا سيشنز وقت جي زيان کانسواء ڪجه به ناهن.